جوڻيجا مسجد امروٽ شريف

جوڻيجا مسجد، امروٽ شريف: هيءَ مسجد امروٽ شريف، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي جوڻيجا ڳوٺ ۾ هوندي هئي. 1922ع ڌاري کير ٿر واهه کوٽائڻ لاءِ انگريز سرڪار جوڻيجن جي ڳوٺ کي لڏڻ جو نوٽيس ڏنو ته ڳوٺ جا ماڻهو سرڪار کان معاوضو وٺي وڃي ٻئي هنڌ ويٺا. انگريز سرڪار ڳوٺ جي جاين، مسجدن کي ڊاهي کير ٿر واهه جي کوٽائي شروع ڪئي هئي. مولانا تاج محمود امروٽي جوڻيجا ڳوٺ جي مسجد شهيد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ تعلقي جي مختيارڪار، ڪليڪٽر ۽ ٻين ذميوار اختيارين کي درخواستون ڏنيون پر ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪتو. مولانا تاج محمود امروٽي انگريز سرڪار سان مقابلي جو اعلان ڪندي جماعت کي اپيل ڪئي ته پاڻ سان ڪفن ٻڌي قربانيءَ لاءِ تيار ٿي اچو. ڪيترائي ماڻهو مسجد بچائڻ لاءِ پهچي ويا ۽ مسجد جي چوڌاري نگهباني ڪرڻ لڳا. انگريز سرڪار کين مسجد خالي ڪري وڃڻ لاءِ چيو. پر مولانا تاج محمود امروٽي جماعت سميت پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو. انگريز سرڪار ماڻهن جي مزاحمت کي ڏسي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ٿي. اها ننڍڙي مسجد کير ٿر واهه جي وچ ۾ دڙي تي ڪيترو وقت قائم هئي. سيڪ ۽ سيلاب سبب زبون ٿي وئي. امروٽ درگاهه جي سجاده نشين سيد محمد شاهه امروٽي تڏهوڪي وزيراعليٰ سنڌ عبدالستار پيرزادي سان ملي بئراج جي ڪناري مسجد تائين پل سميت ٻيهر مسجد تعمير ڪرائي، جيڪا اڄ يادگار طور موجود آهي، جتي هاڻي هڪ ديني مدرسو ’تاج المدارس‘ قائم آهي. هن مسجد کي پاڻي واري مسجد پڻ سڏيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو